درشٽي ۽ درسني

درشٽي ۽ درسني

درشٽي ۽ درسني

درشٽي ۽ درسني (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ هند جي نامياري اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ نقاد، لعل پشپ جي تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ جي پهرين ڪهاڻي (لعلچند امرڏني مل جي ’حرمکيءَ جا‘)، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (شيخ اياز جي خطن جي ڪتاب)، کڙي ڪيل مڪان جي بنياد تي ڳالهائڻ ضروري (هريش واسواڻيءَ جي تنقيد تي تنقيد)، سنڌي ڪهاڻين جا مختلف دؤر، سنڌي ڪهاڻيءَ جي تنقيد، اڄوڪي سنڌي ڪهاڻيءَ تي آلوچنا، سنڌي ساهتڪارن جا رچناتمڪ مسئلا، دل جي بستي (وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻي ڪتاب تي تنقيد)، جيون ڌارا (ڪيرت مهرچنداڻيءَ جي ڪهاڻين تي تنقيد)، دل جو دل ۾ (ڪـيـرت ٻاٻاڻـيءَ جي ڪهـاڻي ڪـتاب تي تنقـيــد) کـان سـواءِ اي. ايم. فاسٽر بابت مضمون ۽ شيخ اياز جو هڪ خط به شامل ڪيو ويو آهي. آخر ۾ درسني عنوان هيٺ ليکڪ ’جائزو‘ ۽ ’آئيني جي اڳيان‘ عنوان هيٺ سيلف پورٽريٽ ڏنو آهي. ڪرائون سائيز جي 126 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پرهه ڦٽي ماهوار (ممبئي) پاران اپريل 1972ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ڪتاب جي قيمت 3.50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو